سـنڌ جـا املھه هيرا

سـنڌ جـا املھه هيرا

سنڌ جا املھه هيرا

سـنڌ جـا املھه هيرا (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ليکڪ مير نادر علي ابڙي جو لکيل آهي. جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شخصيتن جا سوانحي خاڪا شامل ڪيا آهن، جن ۾: زرينا بلوچ، برڪت علي بلوچ، زيب عاقلي، رئيس ڀٽي، تاج صحرائي، جمال ابڙو، رزاق مهر، ايم.ايڇ پنهور، ارباب امير حسين، جگديش ملاڻي، مولانا جان محمد عباسي، نواب نبي بخش خان ڀٽو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مختلف شخصيتون شامل آهن. ليکڪ هي ڪتاب عزيز خاتون، جنهن سندس پرورش ڪئي ۽ سندس نالو ’مير‘ رکيو، ان جي نانءُ ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ابتدا ۾ ’ٻه اکر‘ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جا لکيل آهن، جڏهن ته هن ڪتاب جو مهاڳ محمد ابراهيم جويي جو لکيل آهي.
رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هي ڪتاب 2012ع ڌاري ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. هي ڊيمي سائيز ڪتاب 143صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مُلهه 300 روپيا ڄاڻايو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو